اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير شفقت مح??ود چيو آهي ته قوم کي خاطري ڪرايون ٿا ته ڪرونا وائرس جي وبا جو ڄمي ??قابلو ڪنداسين ۽ سڄي قوم کي گڏ کڻي هل??داسين، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، ان ۾ سمورن صوبن کي به گهرايو ويو آهي جنهن ۾ ان حوالي سان اهم فيص??ا ڪيا ويندا، هر ملڪ ان بيماري جي خلاف پنهنجي طور قدم کڻي رهيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي وفاقي وزير شفقت مح??ود چيو ته واقعي وڏي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، حڪومت ??ن صورتحال کان آگاهه آهي ۽ قدم کنيا پيا وڃن.