اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا کي روڪڻ جي حوالي سان مثبت نتيجن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪورونا جو گراف مسلسل هيٺ اچڻ تسلي بخش ڳالهه آهي، اين سي او سي جا اجلاس صوبائي گادي وارن شهرن ۾ منعقد ڪيا وڃن ۽ صوبن جي ڪوآرڊينيشن سان انتظامي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، عيدا??اض??يٰ جي موقعي تي حفاظتي قد??ن ۽ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرايو ??ڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ ڪووڊ 19 جي صورتحال جي حوالي سان جائ??ي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.