اسلام آب??د – 03 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 330 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا آهن، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جن مان 7 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ هڪ مريض گهر ۾ قرنط??نا دوران فوت ٿيو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري تازي رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 11 هزار 26 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن??ن مان سنڌ ۾ 5 هزار 272، پنجاب ۾ 3 هزار 554، خيبرپختونخواهه ۾ 648، اسلام آب??د ۾ هڪ هزار 271، بلوچس??ان ۾ 105، گلگت بلتس??ان ۾ 54 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 92 ٽيسٽ ڪيا ويا. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 2 لک 48 هزار 873 ٿي چڪي آهي. آزاد ڪشمير، گلگت بلتس??ان ۽ بلوچس??ان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽي ليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مريضن جي لاءِ مخصوص ڪيل 859 وينٽي ليٽرز تي 213 مريض آهن. هن وقت سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ جي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 25 هزار 172 آهي. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي مريضن جو انگ 2 لک 80 هزار 29 آهي جن??ن مان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 93، بلوچس??ان ۾ 11 هزار 774، گلگت بلتس??ان ۾ 2 هزار 180، اسلام آب??د ۾ 15 هزار 76، خيبرپختونخواهه ۾ 34 هزار 223، پنجاب ۾ 93 هزار 197 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 21 هزار 486 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 5 هزار 984 آهي جنهن ۾ سنڌ مان 2 هزار 224 جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ ماڻهو اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، پنجاب مان 2 هزار 148، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته هڪ شخص گهر ۾ قرنط??نا دوران فوت ٿي ويو، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 202، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 ماڻهو اسپتال ۾ ان بيماري سبب فوت ٿي ويا، اسلام آب??د ۾ ڪل 165 فوتگيون، بلوچس??ان ۾ 136، گلگت بلتس??ان ۾ 55 جن??ن مان گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ شخص اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويو، آزاد ڪشمير ۾ 54 ماڻهو فوت ٿي ويا، هيستائين سڄي ملڪ مان 20 لک 21 هزار 196 ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مريضن جي علاج جي لاءِ مخصوص ڪيل 735 اسپتالن ۾ هڪ هزار 595 علاج هيٺ آهن.