اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڏکڻ ايشيا جي عوام جي زندگين ۾ بهتري جي لاءِ سارڪ کي بهتر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڏکڻ ايشيا جي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) کي متحرڪ تنظيم بڻائن جي ضرورت آهي ته ج??ئن تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ گڏيل تعاون کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ خطي جي ملڪن جي عوام جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگ??جي. هتي ايوان صدر ۾ نيپال جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سيوالامسال آڌيه ڪاري صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان ڀارت جي مسئلن تي ٻڌل لاڳاپن جي ڪري هن وقت خطي جي سلامتي کي خطرا درپيش آهن، هن چ??و ته ڀارت پاران غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻين اقليتن جي خلاف ڀارت جي انتهاپسنداڻا قدم ڳڻتي جوڳا آهن.