اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته واضح طور چوان ٿو ته عمران خان 5 سال پورا ڪندو ۽ معاشي حالتون بهتر ڪري قوم کي اڳتي وٺي ويندو جنهن کي لانگ مارچ ڪرڻو آهي ڪري وٺي، اسلام آباد اچڻو آهي ڀلي اچي اسين آجيان لاءِ تيار آهيون. اهڙو اظهار هن آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. گهرو وزير چيو ته آجياڻي واري ناشتي تي اوهان جو دلي طور ٿورائتو آهيان، انشاءَ الله 70 سالن جي تاريخ ۾ پهر??ون ڀيرو 23 ڊسمبر تي وزيراعظم پوليس لائنز ۾ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. عمران خان جو ڪريڊ?? آهي ته پوليس کي پهر??ون ڀيرو ايتري عزت ۽ـ مانُ ملي پيو. هن چيو ته هڪ لک سُڃاڻپ ڪارڊ روز جاري ٿيندا ۽ پهر??ون مفت جاري ٿيندو. اسلام آباد ۾ 3 کان سواءِ سمور??ون چيڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏ??ون آهن، 23 ڊسمبر تي وزيراعظم فنڊ ڏي??دو ته سمور??ون چيڪ پوسٽون ختم ڪري ڇڏينداسين، سمورن تعلقن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊ آفيسون کول??ون ويند??ون جيڪي تعلقه رهجي ويا آهن اتي هر هفتي هڪ آفيس کولي ويندي. 10 ملڪن ۾ سُڃاڻپ ڪارڊن ۽ پاسپورٽ جو انتظام آهي، سڄي دنيا ۾ پرڏيهي وزارت سان گڏجي سُڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو نظام بهتر ڪنداسين ۽ وڌيڪ آفيسون کولينداسين. هن چيو ته وزيراعظم مون مٿان اعتماد ڪيو آهي، 100 ڏي??هن ۾ گهرو وزارت ۾ تبديلي ايندي. اميگريشن، نادرا، پاسپورٽ، ايف آءِ اي سمورا ادارا قومي جي خدمت لاءِ هوندا.