اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر ڏينهن اعتماد جو ووٽ وٺڻ کانپوءِ اڃان وڌيڪ مضبوط ٿيندو، عمران خان جي شفاف ??لي??شن جي جدوجهد جا مخالف ووٽن جي خريد، وڪري ۽ پئسي جي سياست جا باني آهن، عمران خان اقتدار بدران اصولن جي سياست ڪندو آهي، سموريون اتحادي پارٽيون اسان سان گڏ آهن، ايندڙ چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ جي ئي فتح ٿيندي، تحريڪ انصاف سدائين هر سطح تي صاف شفاف ??لي??شن چاهي ٿي. هو ??اڪ??تان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳاله??ئي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي سمورن ميمبرن تفصيلي ڳالهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو ته اسان جي پارٽي جو موقف آهي ته ??لي??شن شفاف طريقي س??ن ٿين ڇو ته پئسي جي سياست سان اخلاقي قدر پائمال ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته پارليامينٽ ۾ سينيٽ جا ميمبر پئسي جي زور تي ايندا آهن، اهو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ ??اڪ??تان تحريڪ انصاف عملي قدم کنيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر ??نا??قت نه ڏيکاري ها ته اڄ سينيٽ جي ??لي??شن شفاف ٿئي ها، دراصل مخالف ڌر جي سياست مفادن ۽ پئسي جي چوڌاري گهمي ٿي. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت کي پاڙون مضبوط ڪرڻيون آهن ته اهڙين چونڊن طرف وڃڻو پوندو جنهن تي سوال نه اٿن.