اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهرين تي زور ڏنو آهي ته هو سرڪاري ادارن بابت پنهنجي شڪايتن جي جلد ازالي لاءِ وفاق?? محتسب جي آن لائن پورٽل مان فائدو کڻن، وفاق?? محتسبن جي اڪلايل ڪيسن جي باري ۾ پنهنجي وڊيو پيغام تي عوامي رد عمل جي جواب ۾ صدر وفاق?? محتسب جي آن لائن پورٽل جو لنڪ پنهنجي ٽوئيٽر تي شيئر ڪيو، صدر پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو هو ته تفصيلي معلومات لاءِ وفاق?? محتسب جي آن لائن پورٽل http://mohtasib.gov.pk سان رجوع ڪرڻ ??هر??ي.