اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ??رد??س عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد مذهب، ثقافت ۽ گڏيل اعتماد ??ي قائم آهي، ملائيسيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي گذريل سال پاڪستان جي ڏهاڙي تي اچڻ ۽ پريڊ جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي دوستي جو مظهر آهي. ڊاڪٽر ??رد??س عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملائيشيا جو ٻي?? دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ ٻطرفن مضبوط لاڳاپن جو عڪاس آهي.