سيالڪوٽ – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاسق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم ڪورونا ۽ معاشي مشڪلاتن کي هڪ ئي وقت منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم سمجهي ٿو ته جيڪڏهن معيشت جو ڦيٿو هلندو ته مزدور جو چلهو ٻرندو، هن چيو ته رمضان مهيني کان اڳ ننڍن دڪاندار?? جي لاءِ حڪومت پئڪيج جو اعلان ڪندي. خاص مددگار جو چوڻ هو ته موجوده صورتحال ??ان ناجائز فائدو کڻندڙ?? جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي ضرورتن ۽ عالمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪنداسين، حڪومت ڪڻڪ خريداري جي لاٰ 280 ارب رپي?? جي رقم رکي آهي.