اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص ??عاون ڊاڪٽر ظفر مرزا هڪ ڏينهن ۾ 2603 ڪيسز رپورٽ ۽ 50 فوتگين تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوري قوم کي اپيل ڪئي آهي ته لاڪ ڊائون ۾ نرم?? دوران رش وارين جاين، شاپنگ مالز ۽ گهرن ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي، سماجي فاصلو برقرار رکي ٻي صورت ۾ صور??حا?? وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي، هي عيد گذريل سمورين عيدن کان مختلف هوندي، عيدالفطر جي موقعي تي گلي نه ملو، سماجي فاصلو برقرار رکو، 50 سالن کان وڏي عمر جا ماڻهو گهرن ۾ ئي رهن. هو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ ميڊيا کي بريفنگ ??ئي رهيو هو.