اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن 28 مئي تي پاڪستان ايٽمي قوت بڻيو، يو?? تڪبير ان وچن کي ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته عزم ۽ همت سان اسان جنهن منزل کي حاصل ڪرڻ چاهيون اها حاصل ڪري سگهون ٿا، اسان جي امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، حڪومت بهترين حڪمت عملي سان ڪوويڊ 19 کي منظم انداز ۾ ڪنٽرول ڪيو آهي، اسان جو رخ درست آهي، ماڪڙ کي به ڪنٽرول ڪنداسين جنهن جي ??اءِ قومي سيل قائم ڪري رهيا آهيون، آفريقا کان ماڪڙ جي ??ڌيڪ کيپ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، وقت ثابت ڪيو ته لاڪ ڊائون جي ????لي??ي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ ان لاءِ وڌيڪ لاڪ ڊائون جو في الحال ڪو به امڪان نه آهي، جيڪي ماڻهو ڪورونا ۽ ماڪڙ تي سياست ڪري رهيا آهن انهن جو مقصد پنهنجي بدعنواني کي لڪائڻ آهي، ايندڙ 8 کان 10 ڏينهن ۾ کنڊ رپورٽ جي عملي صورت سامهون اچي ويندي جيتري به مافياز آهي انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وزي?? سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته 2013ع ۾ جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي حڪومت آئي ته ان جي ??اڻي واري و??ير اسحاق ڊار، جيڪو اڄ ڪل ٻاهرين ملڪ فرار آهي، پهرين ئي ڏينهن آءِ پي پيز جا 486 ارب روپيا جاري ڪري ڇڏيا، پي ايم ايل اين ڪو به ڪم ڪنهن مفاد کانسواءِ ناهي ڪيو، شاهد خاقان عباسي به پنهنجي ??فاداري خوب نڀائي ۽ ملڪ ۽ عوام جو ڪو به خيال نه ڪيو.