اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) اي?? سي او سي جو خصوصي اجلاس پشاور ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن جي ميزباني خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ڪئي. اجلاس ۾ اي?? سي او سي جي خصوصي ٽيم ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين کانسواءِ ٻين صوبن جي عهديدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قرباني جي عيد جي موقعي تي جانورن جي منڊين جي حوالي ??ان ايس او پيز ۽ انتظامن جي حوالي ??ان بريفنگ ڏني وئي. ان ??ان گڏوگڏ وبا جي موجوده صورتحال کي ڏٺو ويو. عوام جو تفريح ۽ سياحتي ماڳن طرف رخ ڪرڻ جي رجحان ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويو. سمارٽ لاڪ ڊائون، ??اٽ اسپاٽ جي حوالي ??ان اپ ڊيٽ ڏني وئي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان اي?? سي او سي جي ٽيم ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي پشاور اچڻ تي ڀليڪار چيو. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر جا خيبرپختونخواهه جي ڪورونا وائرس کي روڪڻ جي حوالي ??ان ڪوششن کي ساراهڻ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته هو ان ڪاميابي جو سهرو پنهنجي سڄي ٽيم جي نالي ڪري ٿو. وڏي وزير اي?? سي او سي فورم کي ساراهيندي چيو ته اي?? سي او سي جو قيام مستقل طور تي رهڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ صوبن ??ان ڪوآرڊينيشن ڪئي وڃي ۽ ان کي بهتر طريقي ??ان منهن ڏنو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٽوئررزم جي حوالي ??ان خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي تمام گهڻو دٻاءُ وڌو پيو وڃي ڇو ته ٽوئرازم خيبرپختونخواهه جي معيشت جو اهم حصو آهي. جيتوڻيڪ اي?? سي او سي جي هر فيصلي کي قبول ڪندي ان تي جيئن جو تيئن عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.