اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت آگسٽ 2018ع کان 2020ع جي ٻن سالن جي مدي دوران اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ٻاهرين ملڪ پاڪستان جي تشخص کي اجاگر ڪرڻ، سياحت جي فروغ ۽ قومي سطح تي رياست ۽ شهرين جي وچ ۾ ٻه ??رفي رابطن جي فروغ لا??ِ قدم کنيا جنهن جو ماضي ۾ کوٽ هئي، سمورن ميڊيا جي سرڪاري اشتهارن جي شفاف ۽ منصفاڻي ورڇ، اداره جاتي سڌارن جي ذريعي قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس اف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي)، پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن (پي ٽي وي سي) ۽ ايس آر بي سي کي ڊجيٽلائيز ۽ جديد رخن تي آندو ويو، ٻن سالن جي دوران اخبارن، رسالن ۽ خابرو ادارن جي رجسٽريشن جي عمل کي اسٽريم لا??ن ڪيو ويو، صح??فين ۽ صح??فتي تنظيمن جي صلاحيت ۾ اضافي لا??ِ مالي مدد کي شفاف بڻائڻ کانسواءِ فلمي صنعت جي ترقي ۽ فروغ ۽ اشتهاري پاليسي (بشمول ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ جي طريقيڪار) جي نئين سر جوڙجڪ ۽ فنڪارن جو ڊيٽا بيس قائم ڪيو ويو، عهد نو، جدوجهد ۽ ڪاميابي جا ٻه ??ال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي جاري ڪارڪردگي رپورٽ ۾ مختلف وزارتن، ڊويزنن، کاتن جي ڪارڪردگي سان گڏوگڏ اطلاعات واري وزارت ۽ نشريات جي ڪارڪردگي رپورٽ به جاري ڪئي وئي آهي، رپورٽ موجب آگسٽ 2016ع کان اڳ ميڊيا انڊسٽري جي سهولت ۽ ترقي لا??ِ قاعدن، ضابطن جو کوٽ هئي جنهن کي بهتر بنائڻ لا??ِ موجوده حڪومت مختلف پاليسيون متعارف ڪرايون، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي مختلف شعبن کي ترقي ڏيڻ لا??ِ جيڪي قدم کنيا ويا انهن ۾ ڊجيٽل ميڊيا جو قيام، اشتهاري پاليسي، (بشمول ڊجيٽل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ جي طريقيڪار) جي جوڙجڪ، علائقائي اخبارن لا??ِ اشتهاري فريم ورڪ جي تياري، فلم پاليسي جو لاڳو، پريس رجسٽرار آفيس، آڊٽ بيورو ۽ سرڪيوليشن (اي بي سي)، سينٽرل ميڊيا لسٽ جي جدت ۽ نئين سرجوڙجڪ عمل۾ آندي وئي، پهريون ڀيرو پاڪستاني فنڪارن جي ڊيٽا بيس تيار ڪئي وئي ۽ انفارميشن ڪميشن جو قيام عمل ۾ آندو ويو، مستحق صح??فين ۽ صح??فتي تنظيمن خاص طور تي پريس ڪلبن لا??ِ وفاقي حڪومت طرفان ڏنل امدادي رقم جي ورڇ جي طريقيڪار کي شفاف بڻايو ويو.