اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرڏيهي ڪاروباري ادارن تي پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن، نامزد سفير پنهنجي ملڪن جي ڪاروباري ادارن کي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوج??ه ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان، ناروي، پولينڊ ۽ ڪمبو??يا جي نامزد سفير سان ڳالهائيندي ڪيو. جاپان جي نامزد سفير مٽسوهيروواڊا،ناروي جي نامزد سفير پير البرٽ لساس، پولينڊ جي نامزد سفير ماسيج پسارسڪي ۽ ڪمبو??يا جي غير مقيم نامزد سفير انگ سين صدر مملڪت کي تقريب ۾ پنهنجون پنهنجون سندون پيش ڪيون.ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان دوست ملڪن سان ٻطرفي واپار ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، دوست ملڪن سان واپار کي ان جي مڪمل صلاحيت تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت اهي، هن چيو ته غير ملڪي ڪاروباري ادارا پاڪستان جي ڪاروبار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، زراعت، آءِ ٽي، ٽيلي ڪميونيڪيشن، توانائي ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن. صدر چيو ته نامزد سفير پنهنجي ملڪ جي ڪاروباري ادارن کي سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان جهڙي پرڪشش منزل طرف متوج??ه ڪن. هن سفيرن کي پاڪستان جي ڪورونا جي خلاف سمارٽ لاڪ ڊائون جي ڪامياب حڪمت عملي جي باري ۾ آگا??ه ڪيو. صدر افغانستان ۾ انساني امداد جي فراهمي تي به زور ڏنو. صدر نامزد سفيرن کي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفير سياسي، تجارتي، سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.