اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) اٽارني جنرل ??نور منصور خان چيو آهي ته پرويز مشرف کي آرٽيڪل 10 تحت شفاف ٽرائل جو بنيادي حق ناهي ڏنو ويو، ارڙهين ترميم ۾ آرٽيڪل 90 ۾ ترميم ڪئي وئي جنهن کانپوءِ شڪايت ڪندڙن کي ڪابينا کان منظوري وٺڻي لازمي هئي پر پرويز مشرف خلاف شڪايت ڪندڙ ڪابينا کان درخواست داخل ڪرڻ جي ڪا منظوري نه ورتي. اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خ??ص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي اٽارني جنرل ??نور منصور چيو ته اڄ هڪ فيصلو ٻڌايو ويو جنهن ۾ غير حاضر (ر) جنرل پرويز مشرف کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، آئون ڪنهن ش??ص جي حق ۾ نه پر قانوني رخن تي ڳالهه ڪندس.