اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري جي غريب ۽ ڪ??زور طبقن جي مدد ڪرڻ اسلامي ??عاشري جو لازمي جز آهي، پاڪستان لکين پناهگيرن کي پناهه ڏني ۽ تقريبن چئن ڏهاڪن کان کلي دل سان انهن جي ميزباني ڪري انساني همدردي جو م??ال قائم ڪيو آهي، خصوصي ماڻهن لاءِ سهولتن ۽ موقعن جي فراهمي جي حوالي سان قانونن تي عملدرآمد ۽ روين ?? بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. هو ايوان صدر ۾ اخوت فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.