اسلام آباد – 17 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گذريل 20 سالن کان انتهائي مشڪل حالتن جي باوجود پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي ۽ اسان پنهنجي سمورين مشڪلاتن جي باوجود افغان پناهگيرن جي ميزباني جاري رکي، الله تعاليٰ قرآن پاڪ جي ذريعي اسان کي انسانيت تي رحم ۽ ڪرم جو درس ڏنو آ??ي، اسلام صرف مسلمانن جي حقن جو احترام ئي نٿو سيکاري پر انسانيت جي تعظيم جو به درس ڏي ٿو، اولهه دنيا ۾ اسلامڪ فوبيا مسلمان پناهگيرن جي مسئلن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو، مودي حڪومت نازي فلسفي کي هٿي وٺرائي رهي آ??ي، موجوده ڀارت گانڌي ۽ نهرو جي ڀارت ناهي ر??ي، گڏ??ل قومن ڀارت جي حالتن جو نوٽيس نه ورتو ته عال??ي امن کي شديد خطرا لاحق ٿي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ افغان پناهگيرن جي قيام جي 40 سالن جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو.