لاهور – 19 اپريل (اي پي پي) پاڪستان آرمي طرفان ريلوي کي ڏنل 3 هزار راشن بيگ مان هڪ هزار راشن بيگ لاهور ريلوي اسٽيشن تي ڪولين، واشنگ لائن ۽ سينٽري ملازمن ۾ ورهائڻ جي تقريب کي وفاقي وزير شيخ رشيد احمد خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ريلوي ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ 7 ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرز ۾ اسپتال بنايا آهن جن ۾ پشاور، راولپنڊي، لاهور، ملتان، سکر ۽ ڪر??چي شامل آهن. هن چيو ته چمن لاءِ 30 ڪوچزتي مشتمل موبائل قرنطينه ريل روانو ڪري رهيا آهيون. اها موبائل ا??پتال 500 مريضن لاءِ هوندي، ضرورت پوڻ تي تفتانيا ڪهن ٻئي بارڊ تي به موبائل ا??پتال پهچڻ لاءِ تيار آهيون. اسان سڀ کان پهريون اها تجويز ڏني هئي ته مشڪل جي هن وقت ۾ قوم ۾ ٺهيل ا??پتال ڏئي سگهون. انگريز 70 سال اڳ اهي ميڊيڪل ڪوچز تيار ڪيون هيون.