اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن ان نظام کي منصف??ڻو ۽ شفاف بڻائي سگهجي. هو ڪالهه س??مر ڏينهن هتي ملڪ ۾ ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، خاص معاونين لي??ٽي??نٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين، اڳوڻي ناڻي واري وز??ر حفيظ پاشا، ايف بي آر چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وز??راعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا، نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻ، مراعات يافته طبقن پاران ٽيڪس نظام جي غلط استعمال کي روڪڻ، ٽيڪس جي چوري ۽ ٽيڪس اهلڪارن جي بدعنوانين جي خاتمي ۽ نظام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزون وز??راعظم کي پيش ڪيون ويون. وز??راعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته منصف??ڻو ۽ شفاف ٽيڪس نظام موثر طرز حڪومت ۽ عوام جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان حڪومتي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۾ اهميت رکي ٿو. هن چيو ته ماضي ۾ حڪمران طبقي جتي پنهنجي مفادن جي لاءِ ملڪي وسيلن جو غلط استعمال ڪيو اتي ٽيڪس جي نظام ۾ وقت بوقت ان انداز ۾ تبديليون ۽ ڦيرڦار ڪئي ويندي رهي آهي جو ٽيڪس جو سڄو بار عام عوام ۽ ننڍن واپارين ۽ ڪاروباري برادري تي پوي ٿو جنهن سان ننڍي ۽ وچين درجي جو ڪاروبار ۽ خاص طور تي عام ماڻهو متاثر ٿيو آهي.