اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير شبلي فراز ??يو آهي ته مسلم ليگ (ن) عوام آڏو اهڙو بيا??يو پيش ڪري رهي آهي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي، مسلم ليگ (ن) ڦرلٽ ۽ ڪرپشن کانسواءِ هن ملڪ ۾ ڪجهه نه ڪيو، اها بارودي سرنگهون وڇائي وئي هئي، گذريل حڪومت عوام سان دشمني کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، نواز شريف جي حڪومت بجلي جي شعبي ۾ مهانگا ڪانٽريڪٽ ڪيا، بجلي مهانگي ٿيڻ جو بنيادي سبب نواز شريف حڪومت جا معاهدا آهن، حڪومت جي نيت ٺيڪ هئي ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، حڪومتي آمدني ۽ خرچ متوازن آهن، سي پيڪ پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو لازوال مظهر آهي، سي پيڪ منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ??اه??ون ٿا، هي ڄاڻين ٿا ته جيڪڏهن حڪومت ڪامياب ٿي وئي ته انهن جو ڪو مستقبل نه هوندو، وزيراعظم عمران خان اهڙو ??يڊر آهي جنهن تي جيترو پريشر وڌ?? وڃي اهو ايترو مضبوط ٿيندو ويندو آهي، عمران خان جهڙو ايماندار ليڊر ملڪ کي پهريون ڀيرو مليو آهي، مسلم ليگ (ن) جيڪو بيا??يو شروع ڪيو آهي ان سان انهن تي ٺهندڙ ڪيسن جو ڪو تعلق نه آهي، سي پيڪ اٿارٽي جي قانون کي 15 کان 20 ڏينهن ۾ پاس ڪرائي وٺنداسين، هر سطح تي نواز شريف جي واپسي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، لسانيت جي ذريعي هي بين المذاهب هم آهنگي کي به متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير ??يو ته اسان ڏسي رهيا آهيون ته اڄڪلهه هر طرف پريس ڪانفر??س ٿي رهي آهي، مسلم ليگ (ن) جا ترجمان وڏي وثوق سان عوام آڏو ڪوڙ ڳالهائين ٿا، عوام آڏو هڪ اهڙو بيا??يو پيش ڪيو پي?? وڃي جنهن جو حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي ۽ هي پنهنجي گ??اه?? تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، عوام جي مفاد جا ٺيڪيدار پنهنجون حڪومتون هلائي چڪا آهن، انهن عوام دشمني کانسواءِ ڪو ڪم نه ڪيو.