اسلام آباد – 07 – جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي ??پٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ سياسي سطح تي ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گهڻ رخي شعبن ۾ ??ڏي?? تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ اهميت رکندڙ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريلا ٽائيل ڪاپوتي سان هتي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي پا??ليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. سينيٽ جي ??پٽي چيئرمين چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده واپاري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي ڇو ته ان ۾ بهتري آڻڻ جي ??نجائش موجود آهي، هن چيو ته سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ ٻنهي طرفن کان ڪاروباري وفدن کي ??ڏي?? رابطا وڌائڻ گهرجن ته جيئن سيڙپڪاري جا ??مڪان ڳولي سگهجن، هن چيو ته پاڪستان، ڪيوبا سا?? پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.