اسلام آباد – 22 آڪٽوبر اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر ڪراچي ۾ مز??ر قائد جي بي حرمتي ۽ جرم تي ??يان بدران افراتفري ۽ غير يقيني وڌائڻ چاهي ٿي، سنڌ جو وڏو وزير به مڃي رهيو آهي ته اتي غلط ڪيو ويو آهي، ائين ڪندڙن کي سزا ڏي??رڻ بدران الٽو سياست ڪئي پئي وڃي، اتي هڪ نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت آهي، توهان نتيجن جي پرواهه ڪري رهيا آهيو. سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چيو ته اسان ??ار??يامينٽ ۾ ويٺل آهيون ۽ افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙي ??ار??ي جنهن قائداعظم جي نالي تي پنهنجو نالو رکيو آهي، ان جي اڳواڻ جي ناٺي قائداعظم جي مز??ر جي بي حرمتي ??ئي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪيو جنهن کي پيپلز??ار??ي جو وزير اعليٰ به مڃي رهيو آهي ته غلط ڪيو آهي جنهن تي ان جي خلاف ڪيس ٺهي ٿو، جرم تي ??يان بدران ۽ اهو ڏسڻ بدران ته ان کي ڪهڙِي سزا ملڻ گهرجي ته ان اهڙو رويو اختيار ڪيو ۽ هُل هنگامو ڪيو، الٽو مخالف ڌر سياست ڪري رهي آهي.