اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گذريل سالن دوران ٻطرفن ل??ڳاپن ۾ٿيندڙ مستحڪم اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت سميت ڪڻڪ جي پيداوار، چوپائي مال سميت لائيو اسٽاڪ، تعليمي ۽ تڪنيڪي تعاون، سڌوسنئون مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي خواهش ۽ عزم کي ورجايو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٻطرفن ل??ڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ افغانستان مان پنهنجي شهرين ۽ ٻين ماڻهن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪستان جي بطور سهولتڪار ڪرار تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان تعاون تي روشني وڌي جيڪو پاڪستان افغانستان جي صورتحال جي ڏس ۾ خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان عالمي برادري سان جاري رکيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڀارت سان برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي اصولن تي ٻڌل پرامن ل??ڳاپن جو خواهشمند اهي. ان ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي ان سلسلي ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ??رو??ي آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جا ٿ??را مڃيا ۽ آسٽريل??ا ۽ پاڪستان جي وچ م موجود لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.