لاهور-31 آڪٽوبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته سک ياترين لاءِ اسان جا دروازا هميشه کُليل آهن، سک ب??اد??ي جي ويزائن جا مسئلا حل ڪيا ويا، سک ياترين لاءِ پاڪستاني ويزا فيس نه هوندي، ايندڙ سال ڪرڪيٽ چيمپئن ٽرافي ۾ ڀارتين لاءِ اسپيشل ڪوٽا رکي ??ئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه آمريڪا مان آيل 44 رڪني سک ياترين جي وفد سان هتي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد جي اڳواڻي ڊاڪٽر دلوير سنگهه پنون، سرجيت سنگهه هوٿي ۽ ٻين ڪئي. وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان آيل سک ب??اد??يءَ کي ??سئلن کي ??ُنهن ڏيڻو پوندو هو ??ر ڪجهه عرصي ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ سک ب??اد??ي جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان اچڻ جي خواهشمند سک ياترين کي ??يزا اِشو جو مسئلو هوندو هو، اسان سک ب??اد??ي جي سهولت لاءِ ويزائن کي آن لائن ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته آمريڪي، ڪئنيڊين ۽ يو ڪي پاسپورٽ رکندڙ سک ب??اد??ي آن لائن فارم جمع ڪرائين ۽ 30 منٽن ۾ ويزا حاصل ڪن. آن لائن ويزا جي ڪا فيس ناهي، اها سهولت ڀارتي ڄاون آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ برطانيه ۾ ترسيل سک ب??اد??ي لاءِ پڻ آهي. هن چيو ته سک ب??اد??ي لاءِ وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، اوهان سال ۾ 10 ڀيرا پاڪستان اچو هر ڀيري اوهان کي ڀليڪار ??ونداسين. آن لائن ويزا لاءِ صرف فارم ڀرڻو آهي، ويزا 30 منٽن ۾ اوهان جي هٿن ۾ هوندو. محسن نقوي چيو ته جهڙيءَ طرح مسلمانن لاءِ سعودي عرب مقدس آهي اهڙيءَ طرح سک ب??اد??ي لاءِ پاڪستان، جڏهن ته هتي سک ب??اد??ي جي ٻين ماڳن کي ??ڻ کوليو ويندو، وزٽ لاءِ اجازت نامي جي ضرورت نه هوندي. هن واضح ڪيو ته حسن ابدال، ڪرتارپور، ننڪانه صاحب لاهور کان سواءِ ٻين ماڳن تي به وڃي سگهو ٿا. ان سلسلي ۾ جيڪي مسئلا آهن انهن کي حل ڪنداسين. تازن ڏينهن ۾ پاڪستان حڪومت 124 ملڪن لاءِ ويزا فري ڪئي آهي. آمريڪا ۾ آيل سک ياترين جي وفد مهمان نوازي تي وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته فري آن لائن ويزا سروس سان تمام گهڻي سهولت ملي آهي. ان موقعي تي ناليوارو صنعتڪار ??اشف اشفاق ۽ ٻيا عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا.