اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سالن کان غيراستعمال ٿيل اربين روپين جي ??لڪيتن کي مثبت طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني کي عوام جي ڀلائي ۽ اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن جهڙين بنيادي سهولتن جي بهتري لاءِ استعمال ڪرڻ موجوده حڪ??مت جي ??اليسي جو اهم جز آهي. هن چيو ته اربين روپين جي ??لڪيتن جي باوجود وفاقي حڪ??مت جا مختلف ادارا اربين رپين جو ساليانو خسارو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ انهن وڏين قيمتن وارين ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻي ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو ويو. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار مختلف وزارتن ۽ وفاقي حڪ??مت جي ادارن جي غيراستعمال ٿيل ملڪيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.