اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته و??اق?? حڪومت ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ غر??ب ماڻهن جي امداد لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، مخالف ڌر ان معاملي تي سياست نه ڪري، اهڙي بحث ۾ نه پوڻ گهرجي جنهن سان معاشرو ورهائجي وڃي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته معيشت جو ڏيوالپڻو ٿئي ۽ ان??ن کي اين آر او ملي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي بحث ۾ حصو وٺندي و??اق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ان??ن ڊاڪٽرن، نرسن، پيراميڊيڪل اسٽاف، سيڪيورٽي فورسز، فلاحي تنظيمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي پنهنجي حياتي خطري ۾ وجهي ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، ان??ن جي قربانين کي آئون پنهنجي ساٿين پاران سلام پيش ڪريان ٿو، ان??ن جي اهاقرباني سدائين هن ملڪ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکي ويند??، هن پوري وبا جو ان??رنيشنل تناظر آهي، اها ڪنهن مقامي علائقي جي نه آهي، اهو پاڪستان جو نه پوري دنيا جو مسئلو آهي.