اسلام آباد – 20 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي مذهبي معاملن واري مرڪزي سيڪريٽري پير سيد حبيب عرفاني ۽ عالم سڳورن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ عالم سڳورن ۾ پير سيد اسرا??ال??ق نظامي، پير توصيف الاهي مجددي، علامه عظمت حسين شاهه ۽ علامه محمد اصغر شامل هئا. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جي ڏس ۾ موجوده حالتن ۾ عالم سڳورن جو ڪردار خاص طور تي عوام ۾ حفاظتي تدبيرن جي فروغ ۾ عالم سڳورن جي ڪردار جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مسجدن، ??رگ??هن ۽ خانقاهن جي معاملن جي بهتر انتظام جي حوالي سان پڻ ڳ??له?? ٻولهه ڪئي وئي.