اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي خو??ي جي موقعي تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته آئون ا??له تعاليٰ کان دعاگو آهيان ته هو اسان جي عبادتن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي، هي ڏينهن جتي پنهنجن سان ا??ثار ۽ محبت جو ڏينهن آهي اتي ضرورتمندن ۽ مستحق ماڻهن جي دل کٽڻ ۽ ا??هن کي پنهنجي خو??ين ۾ شريڪ ڪرڻ جو به ڏينهن آهي، پاڪستاني قوم کي ڪورونا وبا جي نازڪ صورتحال جو مقابلو ڪرڻ جي اتحاد ?? احتياط تي عمل ڪرڻو پوندو. عيدالفطر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته عيدالفطر جو ڏينهن مسلمانن جي لاءِ رڳو هڪ تهوار کان وڌيڪ ان محنت، رياضت، صبر ۽ همدردي جو انعام آهي جيڪو رمضان ا??مبارڪ جي مهيني ۾ انجام ڏنو وڃي ٿو.