اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ جي لا??ِ قانونسازي ۾ ۽ ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙو موقف اختيار ڪري ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر هن ايوان ۾ ايف اي ٽي ايف تي قانونسازي ۽ ڪشمير جي معاملي تي ذميواري جو مظاهرو ڪيو. ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ جي لا??ِ هي قانونسازي ضروري هئي. گري لسٽ جو تحفو ورثي ۾ مليو. جون 2016ع ۾ پاڪستان گري لسٽ ۾ وڃي چڪو هو جڏهن ته ان مان نڪرڻ جي لا??ِ ڪوششون ڪري رهيا آهيو. ڀارت پاڪستان کي بليڪ ??سٽ ۾ ڌڪڻ چاهيندو هو. اسان ڀارتي ارادا ناڪام بڻائڻ جي لا??ِ ڪوششون ڪيون. ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستان پاران اڳڀرائي جو اعتراف ڪيو ويو جڏهن ته وڌيڪ ??انونسازي ايف اي ٽي ايف جي ضرورت هئي. ان قانونسازي ۾ پاڪستان مسلم ليگ ۽ اپوزيشن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، مثبت قد?? کنيو اها خوش آئنده ڳالهه آهي. جمهوريت جي ارتقا جي عڪاسي آهي. ڪجهه پارٽيون سياسي مفادن ۽ تنگ نظري کان مٿانهون ٿي ان جو ساٿ ڏين ها ته ان جو نقصان نه ٿئي ها ملڪ کي فائدو ٿئي ها. ڪشمير تڪرار تي ڪا ٻي راءِ نه آهي. سمورين حڪومتن ڪشمير مسئلي تي هڪ جهڙائي ڏيکاري. سياسي سوچ جدا هجڻ جي باوجود سينيٽ ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ متفقه قرارداد پيش ڪئي وئي. اهو انهن ڪشمير??ن جي لا??ِ پيغام آهي هو جيڪي اميد ڪن ٿا ته درد ۽ ڪرڀ جي ان صورتحال ۾ پاڪستاني عوام انهن سان گڏ بيٺل هوندي.