اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشميرين ??ي اڻٽر حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ??ي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رک??داسين، پاڪستان جي ڪامياب ??فارتڪاري جي ڪري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن ??ي عالمي تنظيمن، چين، ترڪي ۽ سعودي عرب سميت ٻين ??وست ملڪن ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي آهي، هٿياربند فوج ۽ پاڪستاني قوم دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو جنهن تي کين ??راج تحسين پيش ڪريان ٿو، افغانستان ۾ امن جي لاءِ امن معاهدو اهم قدم آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين ??ور جو آغاز ٿيو آهي، ڪورونا وائرس جي باوجود پاڪستان جي معاشي انگ اکر مثبت راهه تي گامزن آهن، حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ قوم جي تعاون سان ڪورونا وائرس جي خلاف ڪاميابي ملي، گذريل ٻن سالن جي دوران حڪومت ۽ قوم ڪرپشن جي خلاف علم بلند ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن 74 هين يوم جشن آزادي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.