اسلا?? آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ زراعت بابت لاڳاپيل ڪاروبار جي بهتري، زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان ۾ فارمنگ انڊسٽري جي فروغ لاءِ جديد زرعي ??يڪ??الاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بهتر فصل لاءِ وڌ کان وڌ ??يڪ??الاجيڪل حل اختيار ڪيا وڃن. هو ايوان صدر ۾ فوڊ سيڪيورٽي ۽ زراعت ۾ ??يڪ??الاجي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ انفارميشن ??يڪ??الاج?? وارو وزير سيد امين الحق، نيشنل فوڊ سيڪيورٽ?? وارو وزير سيد فخر امام، سائنس ۽ ??يڪ??الاج?? وارو وزير چوڌري فواد حسين، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام وارو سيڪريٽري، شعيب صديقي، سائنس ۽ ??يڪ??الاج?? وارو سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) نسيم نواز به شرڪت ڪئي، وفاقي وزير سيد فخر امام اجلاس کي وزارت طرفان زراعت جي بهتري لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، سائنس ۽ ??يڪ??الاج?? واري وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته سندس وزارت زرعي شعبي ۾ روايتي طريقن ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ مدد ڪندي، آءِ ٽ?? واري وزير اجلاس کي ٻڌايو ته سندس وزارت آبادگارن کي زرعي ڄاڻ جي فراهمي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاء?? ايپليڪيشن ٺاهيندي، ان موقعي تي زرعي شعبي کي در??يش مسئلن جي حل لاءِ انهن سمورين وزارتن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، ان موقعي تي ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻڻ لاءِ روڊ ميپ جي تياري لاءِ قومي فوڊ سيڪيورٽ?? واري وزارت قائداڻو ڪردار ادا ڪندي.