اسلام آباد – 26 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته افغان امن عمل ۽ ڳالهين کي نه رڳو پاڪستان جي حڪومت پر عالمي برادري به ساراهيو آهي، ان عمل کي انتهائي احتياط سان پڄاڻي تائ??ن پهچائڻ جي ضرورت آهي، تاريخ جو سبق اسان کي اڳتي وڌ?? ۽ ??نهنجي غلطين کي صحيح ڪرڻ جو سبق ڏيندو آهي، پاڪستان ۽ افغانستان ٻئي گڏجي بحر عرب کي وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، ان سان ٻ??هي ملڪن جي عوام لاءِ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو، هو پاڪ افغان واپار ۽ سيڙپڪاري جي سلسلي ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن جي فورم جي افتت??حي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.